جنگو خان جمالي

جنگو خان جمالي: ڪلهوڙن جي زماني ۾ ’خان جمالي'>جنگو خان جمالي‘ هڪ بهادر شخص ۽ ’ميان وال تحريڪ‘ جو اڳواڻ ٿي گذريو آهي. جنگو جمالي نالي ڳوٺ جوهيءَ جي ڏکڻ ۾ اٽڪل هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي اڄ به موجود آهي. جنگو جماليءَ جون پنهنجي ڳوٺ کان بکر شهيد تائين جاگيرون هيون. جوهيءَ جي کوسن شورش برپا ڪئي ته ميان نصير محمد جي هدايت تي کوسن جي قبيلي کي مات ڏيڻ لاءِ ساڻن جنگيون ڪيائين. هن جي وڙهيل لڙاين ۽ خانا جنگين دوران هڪ محاورو عام ٿيو ته ”ڇڏ جوهي، وڃ لوهي“، ان محاوري بنيادي طرح کوسن جي قبيلن جي زور واري زماني ۾ جنم ورتو. ان سان گڏ ان محاوري به جنم ورتو ته، ”منهنجون ٻانهون به ڪي کوسن ڪپيون آهن ڇا!“. کوسا نهايت ويڙهاڪ ۽ سرڪش هئا. سندس دهشت علائقي ۾ پکڙيل هئي. ميان نصير محمد جي هدايت تي جنگو خان سندن خلاف تلوار آزمائي ڪئي. ڪن روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته، جوهيءَ جي پياري کوسي ميان نصير محمد سان بغاوت ڪئي، جنهن کي سيکت ڏيڻ لاءِ ميان نصير محمد جنگو خان جماليءَ کي هدايت ڪئي. گاجي شاهه جي وفات کان فورن بعد ميان نصير محمد ڪلهوڙي لوهيءَ جي لڪ سنڀالڻ لاءِ خان جمالي'>جنگو خان جمالي کي هدايت ڪئي. بروهين جي بار بار حملن ۽ ٻين خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ خان جمالي'>جنگو خان جمالي پنهنجو اصلوڪو ڳوٺ ’جنگو خان‘ ڇڏي ’نئن هليليءَ‘ جي ڪناري نئون ڳوٺ ٻڌي ويٺو، جو تڏهوڪي زماني ۾ ڳوٺ ’هليلي‘ ۽ هاڻ ڳوٺ ’مراد خان جنگواڻي‘ جي نالي سان قائم آهي. ڪائي ماٿري (سيوهڻ) ۾ مقيم بُلي کوسي جون ڪارروايون ان زماني ۾ وڌي ويون هيون. سندن اهڙين سرگرمين کي روڪڻ جو ڪم ميان نصير محمد ڪلهوڙي، خان جمالي'>جنگو خان جمالي کي سونپيو. بلي کوسي کي مات ڏيڻ لاءِ جنگو خان جماليءَ ست راڄ گڏ ڪري ساڻس لڙائي ڪئي، جن ۾ لنڊ، لغاري، شاهاڻي، بروهي ۽ ٻيا قبيلا شامل هئا. خان جمالي'>جنگو خان جمالي ست راڄ گڏ ڪري بلي کوسي تي سندس ڳوٺ (بُلي جي بٺي) تي حملو ڪري، سخت لڙائي ڪئي. لڙائي ۾ بلو کوسو مارجي ويو. بلي کوسي جي مارجڻ بعد تر ۾ ٺاپر آئي. جنگي خان جو اثر رسوخ سڄي علائقي ۾ وڌي ويو. ڪاڇي کان علاوه لوهيءَ جي جابلو علائقن تائين سندس سرداريءَ جو سڪو ڦهلجي ويو. جنگي خان 94- 1693ع ڌاري وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه نئين هليليءَ جي ڪناري تي ٽڪريءَ مٿان آهي. اهو قبرستان پڻ سندس نالي سان تر ۾ مشهور آهي. سندس نالي سان ڳوٺ ’خان جمالي'>جنگو خان جمالي‘ اڄ به قائم آهي.


لفظ جنگو خان جماليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو